شهر شهر زخمي

شهر شهر زخمي

شهر شهر زخمي

شهر شهر زخمي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور مزاحمتي شاعر زخمي چانڊئي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ غزل، وايون، گيت، نظم، چوسٽا ۽ بيت شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر تاجل بيوس ۽ بئڪ ٽائيٽل مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل نامور چترڪار هارون چني جو ٺهيل آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ’ماڻهپي ۽ محبت جي راهن ۾ ڊوڙندڙ ماڻهن‘ کي ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل شاعريءَ جو آخري حصو شاعر جي جيل ۾ قيد رهڻ دوران ڪيل آهي. 175 صفحن تي پڪي بائينڊنگ سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي ڪنول پبليڪيشن قنبر شهيد زخمي چانڊيي جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي 2001ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.


لفظ شهر شهر زخميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو